ڪرونا وائرس جي متاثرن جي سار سنڀال لهڻ تي طبي عملي کي سلام پيش ڪريان ٿي: فردوس عاشق اعواڻ

سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ ڪرونا وائرس جي متاثرن جي سار سنڀال لهڻ تي طبي عملي کي خراج تحسين پيش ڪري ڇڏي.

ٽوئيٽ ڪندي خاص معاون چيو ته قوم جا مسيحا ڊاڪٽرز، نرسنگ ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف توهان کي سلام هجي.

خاص معاون چيو ته ڊاڪٽر ۽ عملو پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي ڪري زندگيون بچائيندڙ توهان کي سلام هجي.

واضح رهي ته سموري دنيا جيان پاڪستان جا ڊاڪٽر به پنهنجي فرض جي ادائيگي لاءِ رات ڏينهن ڪرونا وائرس جي متاثر مريضن جي سار سنڀال ڪري رهيا آهن.پنهنجي پيشي سان انصاف ڪرڻ تي ڊاڪٽرن ۽ عملي کي خراج تحسين پيش ڪيو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*