پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس جي ڪيسن ۾ لڳاتار اضافو

پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس جي ڪيسن ۾ لاڳاتار اضافو ٿي رهيو آهي،متاثرن جو تعداد 519 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪراچي جي 77 سالن جي بزرگ جي وفات کانپوءِ فوتين جو تعداد ٽي ٿي ويو.

ڪرونا وائرس سبب  سنڌ ۾ 267، پنجاب ۾ 96،ڪي پي ۾ 23 ۽ بلوچستان ۾ 92 شهري متاثر ٿيا آهن.

تازي رپورٽ مطابق گلگت بلتستان ۾ 30، اسلام آباد ۾ 10 ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ شهري متاثرن ۾ شامل  آهن.

ڪرونا وائرس جي شدت ۾ واڌ کانپوءِ سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ لاڪ ڊائون جهڙي صورتحال پئدا ٿي وئي آهي ۽ شهري گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.

پاڪ-ايران سرحد تي تفتان وٽ ايران کان ايندڙ زائرين جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، جتي شهرين کي ڪابه سهولت فراهم نه پئي ڪئي وڃي.

دنيا جي 185 ملڪن تائين پکڙجي ويل ڪرونا وائرس 11 هزار 419 حياتيون ڳڙڪائي ويو آهي.

تازين رپورٽس مطابق دنيا ۾ ڪرونا وائرس جي متاثرن جو تعداد وڌي  2 لک 76 هزار 665 ٿي ويو، سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ اٽلي ۾ 627 شهري فوت ٿي ويا.

رپورٽس مطابق اٽلي ۾ حياتي وڃائيندڙ شهرين  جو انگ وڌي 4 هزار 32 ٿي ويو،جڏهن ته  چين ۾ وڌيڪ 7 ماڻهو فوت ٿيڻ بعد  انگ وڌي 3 هزار 255 ٿي ويو آهي.

ڪرونا وائرس سبب اسپين ۾ 262 ماڻهن دم ڏنو،جنهن بعد فوتين جو انگ 1093 ٿي ويو.

رپورٽس مطابق  آمريڪا ۾ به 19 شهري ڪرونا سان جنگ وڙهندي زندگي وڃائي ويٺا آهن.

ڪرونا وائرس سبب آمريڪا ۾ فوتين جو انگ وڌي 275 ٿي ويو آهي، ايران ۾ 147 حياتيون ضايع ٿيڻ کانپوءِ فوتين جو تعداد هڪ هزار 1433 ٿي ويو آهي.

اهڙي ريت برطانيا ۾ فوتين جو تعداد  177، نيڌرلينڊز ۾ 106، سوئٽزرلينڊز ۾ 563، سويڊن ۾ 16 ۽ ڀارت ۾ 5 ٿي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*