آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوا پاران پاڪ فوج کي سول انتظاميا جي امداد تيز ڪرڻ جو حڪم

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاڪ فوج کي ڪرونا وائرس جي خلاف سول انتظاميا جي امداد تيز ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

آءِ آيس پي آر مطابق آرمي چيف چيو ته   انفرادي طور تي ڪرونا وائرس کان پنهنجو بچاءُ اصل ۾ گڏيل حفاظت جو بنياد آهي

هن چيو ته پهريان انفرادي طور تي ذميدار شهري بنجڻو آهي ته جيئن اجتماعي  سطح تي حڪومتي ادارن جون ڪوششون  ڪامياب ٿي سگهن،ائين ڪرڻ سان ئي قومي ڪوشش ڪامياب ٿيندي

جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪ فوج قومي ڪوشش جو حصو  هوندي، ان ذميداري کي پورو ڪري

آرمي چيف چيو ته ڪوبه  خطرو هڪ ذميدار ۽ پرعزم قوم کي مات ڏئي نٿي سگهي، جيئن چين ڪري ڏيکاريو

هن چيو ته اسان ڪرونا وائرس کان قوم جي حفاظت  کي مقدس فرض سمجهي پورو ڪنداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*