ڪرونا وائرس سبب ملڪ ۾ 34 ٽرينون معطل ڪيون ويون آهن

ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڪرونا وائرس  سبب  ملڪ ۾ 34 ٽرينون معطل ڪيون ويون آهن،ملڪ ۾ لاڪ ڊائون جو حامي ناهيان.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته ريل گاڏيون رڳو حفاظتي قدم تحت بند ڪيون ويون آهن.

هن چيو ته ڪرونا وائرس جي خطري سبب ريلوي جا 20 سيڪڙو مسافر گهٽجي ويا آهن، ڪرونا وائرس سڄي دنيا جي معيشت تباهه ڪري ڇڏي آهي.

هن چيو ته ٽرينون بند ڪرڻ سان ريلوي کي مالي نقصان ٿي رهيو آهي، پر ان هوندي به ريل گاڏيون پندرنهن اپريل تائين بند رهنديون.

هن چيو ته حالتون بهتر ٿيڻ تي ريل گاڏيون  ٻيهر بحال ڪيون وينديون.

شيخ رشيد چيو ته لاڪ ڊائون جو اختياري مون وٽ نه پر وزيراعظم وٽ آهي، موجوده صورتحال ۾ اپوزيشن ذميواري جو مظاهرو ڪري..

هن چيو ته ريلوي مان ڪنهن به ملازم کي نه پيو ڪڍيو وڃي،ريلوي کي سبسڊي ڏيڻ بدران وفاقي حڪومت ملازمن کي پينشن ڏئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*