ڪرونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ سنڌ ۾ مڪمل طور لاڪ ڊائون آهي

ڪورونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ سنڌ ۾ لاڪ ڊائون آهي، سڄي صوبي ۾ ننڍا توڙي وڏا شهر مڪمل طور بند آهن، روڊ رستا ويران ۽  شهري گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.

لاڪ ڊائون جي پهرين ڏينهن تي ڪراچي ۾ سمورا ڪاروباري مرڪز بند آهن ۽ پاڪ فوج، رينجرز ۽ پوليس جو گشت جاري آهي، مختلف روڊن کي ڪنٽينر ۽ بيريئر رکي بند ڪيو ويو آهي.

لاڪ ڊائون دوران ميڊيڪل اسٽور ،سبزي ، گوشت ۽ ڪريانه جا دڪان کولڻ جي اجازت ڏني وئي آھي، جڏهن ته  صنعتي ادارن ، بينڪن ، ميڊيڪل اسٽاف سميت فلاحي ادارن جي ملازمن  کي لاڪ ڇوٽ ڏني وئي آھي .

پوليس جا اهلڪار ميگا فون ذريعي عوام کي لاڪ ڊائون دوران گهرن ۾ رهڻ جي تاڪيد ڪري رهيا آھن، لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سختي سان منهن ڏيڻ ۽ اهڙن ماڻھن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. لاڪ ڊائون دوران اخبارن ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان واسطو رکندڙ صحافين کي ڪوريج ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آھي.

 حيدرآباد، ميرپورخاص ، سکر، لاڙڪاڻو، نوابشاهه، خيرپور،  شڪارپور، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد ۾ به مڪمل طور لاڪ ڊائون آهي.

ڄامشورو، عمرڪوٽ، مٺي، سانگهڙ، ٺٽو، سجاول، بدين نوشهرو فيروز، ڀرياسٽي ، ڀريا روڊ ، ٽنڊو الهيار ۾ به ڪاروبار مڪمل طور بند آهي

 ڪوٽڙي، چمبڙ، گڊو، ڀرياسٽي، قاضي احمد، پير جو ڳوٺ، ميان صاحب، ٺل، کپرو، تنگواڻي، گهارو، ڪاروبار سان گڏ ٽريفڪ به مڪمل طور بند آهي.

 سامارو، ڪنري، پٿورو، ڍورو نارو،گاجي کهاوڙ  ۽ ڪوٽ غلام محمد، تلهار ۾ به ماڻهو گهرن تائين محدود آهن

اوٻاوڙو، سنجهورو، باڊهه، ميهڙ، مبارڪپور، سنڌڙي نصير آباد، ڏيرا منهڙو، سجاول جوڻيجو، نواب ولي محمد ۽ ٺل شهر ۾ به نه کليا آهن

ڀان سيد آباد، پير جو ڳوٺ، ڌاٻيجي، ڪنب، ڪوٽڏيجي، ٺارو شاهه، ڊرٻ ميهر شاهه، منهڙو هٿونگو، ڪنري ۽ ٻين شهرن ۾ به لاڪ ڊائون آهي

منهڙو، سجاول جوڻيجو، نواب ولي محمد، ڌاٻيجي ۽ ڪنب،هٿونگو، ٺارو شاهه، ڊرٻ ميهر شاهه،مٽياري، ڪنري، دوڙ، دڙو،  شهر بند

ڇاڇرو شهدادپور، جوهي، ڪڙيو گهنور  غوثپور ، بهرام، کوسڪي، ڪنري، تلهار ۽ کپري ۾ به ڪاروبار مڪمل طور بند آهي

لاڪ ڊائون دوران 48 ڪلاڪن ۾ رڳو هڪ ڀيرو گهر جو هڪ فرد کاڌي پيتي جو سامان خريد ڪرڻ لاءِ گهران نڪري سگهندو جيڪو مخصوص وقت اندر واپس پهچندو.

ضروري ڪم سانگي گھر مان ٻاهر نڪرندڙ شخص سڃاڻپ ڪارڊ لازمي کڻي نڪرندو ۽ ٻاهر نڪرڻ لاءِ پوليس جي اجازت به ضروري هوندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*