پاڪستاني قوم ڪنهن به مصيبت ۽ مشڪل وقت ۾ مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي: وزيراعظم عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مونکي اهو چوندي فخر محسوس ٿيندو آهي ته پاڪستاني قوم ڪنهن به مصيبت ۽ مشڪل وقت ۾ مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

قومي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ سان وچ اوڀر جي مسلمانن کي پنهنجي تهذيبي سڃاڻپ کي هٿي ڏيارڻ، مذهبي آزادي ۽ ترقي جا هڪجهڙا حق مليا، جيڪي متحده هندوستان جي هندو اڪثريت کسڻ تي لهي آئي هئي.

وزيراعظم چيو ته هن سال پاڪستان جو ڏهاڙو ملهائيندي اسان کي پنهنجي صفن ۾ اتحاد، نظم، ضبط ۽ جذبي جي ضرورت آهي، تنهن جي اسين انهيءَ آفت جو مقابلو ڪري سگهون، جنهن سڄي دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي.

وزيراعظم عمران خان عوام کي درخواست ڪئي ته اهو خوف ۾ مبتلا نه ٿئي پر حفاظتي اپاءَ وٺي.

هن چيو ته ڪرونا وائرس واري معاملي جي هـُو پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي، انشاءَ الله اسين ڪامياب ٿينداسين.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اڄ اسين والاريل ڄمون ڪشمير جي مظلوم عوام سان ڀرپور ايڪتا جو اظهار ڪريون ٿا، جيڪي 231 ڏينهن کان پنهنجي سر زمين تي نه رڳو بند آهن پر ڀارت جي رياستي ظلم ۽ ڏاڍ جو دليري سان مقابلو به ڪري رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*