بلوچستان ۾ وائرس پهرين حياتي ڳڙڪائي ورتي، سنڌ ۾ وائرس مبتلا مريضن جو انگ وڌي 352 ٿي ويو

سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ  اڄ 19 ڪيس ظاهر  ٿيڻ بعد صوبي ۾ مجموعي طور وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ وڌي 352 ٿي ويو آهي، سنڌ صحت کاتي موجب سکر ۾ ترسايل زائرين مان 1126 ڄڻن جون ٽيسٽون نيگيٽو آيون آهن.

سنڌ صحت کاتي موجب  سکر جي قرنطينه مرڪز ۾ داخل اڄ وڌيڪ 11 ڄڻن ۽ ڪراچي ۾ 7 ڄڻن کي وائرس هئڻ جي تصديق آهي،جڏهن ته  دادو ۾ اڄ پهريون ڪيس ظاهر ٿيو آهي، جنهن بعد  سنڌ ۾ متاثرن جو انگ 352 ٿي ويو آهي.

سنڌ صحت کاتي موجب گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ تصديق ٿيل 18 ڄڻن مان 4 متاثرن جي ٽريول هسٽري آهي، جڏهن ته 14 ڄڻا مقامي سطح تي متاثر ٿيا آهن.

ايران مان سکر پهتل زائرين مان متاثرن جو انگ 210، ڪراچي ۾  متاثرن جو انگ 123 ۽ حيدرآباد ۾ هڪ  ڄڻو وائرس ۾ مبتلا آهي.

سنڌ ۾ ڪرونا وائرس وگهي هڪ ڄڻو فوت ۽ 3 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن.

ملڪ ۾ تيزي سان پکڙجندڙ ڪرونا وائرس بلوچستان ۾ پهرين حياتي ڳڙڪائي ورتي آهي، جنهن بعد ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آهي، جڏهن ته اسلام آباد ۾ 4 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد ڪروائر وائرس جي متاثرن جو مجموعي انگ وڌي 803 ٿي ويو آهي.

ڪوئيٽا جي فاطمه جناح اسپتال ۾ 66 ورهين جو شخص ڪرونا وائرس وگهي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، ان کان اڳ ڪي پي ۾ 3 ۽ سنڌ ۾ هڪ ڄڻو حياتي وڃائي چڪو آهي، جڏهن ته ڪالهه گلگت بلتستان ۾ به ڪرونا متاثرن جي سار سنڀال دوران وائرس جو شڪار ٿي ويل ڊاڪٽر اسامه به حياتي وڃائي ويٺو.

سنڌ ۾ به ڪرونا وائرس جا ڪيس ظاهر ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي،  سکر قرنطينه مرڪز ۾ داخل 11 ڄڻن، ڪراچي ۾ 7 ۽ دادو ۾ هڪ ڄڻي کي وائرس هئڻ جي تصديق ٿيڻ بعد صوبي ۾ متاثرن جو انگ وڌي 352 ٿي ويو آهي.

پنجاب ۾ متاثرن جو انگ وڌي 225 ٿي ويو آهي، جڏهن ته بلوچستان ۾ ڪرونا وائرس جي متاثرن جا 108 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.

خيبر پختونخواهه ۾ ڪرونا وائرس جا 31 مريض موجود آهن، گلگت بلتستان ۾ متاثرن جو انگ وڌي71 تي پهتو آهي، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ هڪ ڄڻي کي ڪرونا وائرس هئڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.

اسلام آباد جي هڪ علائقي ۾ تبليغي جماعت جي 4 ڄڻن ۾ ڪرونا وائرس جي تصديق کانپوءِ ملڪي راڄڌاني ۾ متاثرن جو انگ 15 ٿي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*