سنڌ جي مختلف شهرن ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروايون

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائين دوران پوليس 300 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن مان گهڻن کي مختلف سزائون ڏيڻ بعد ڇڏيو ويو.

لاڙڪاڻي ۾ پوليس مخلف علائقن ۾ گشت دوران ٽولين جي شڪل ۾ بيهڻ، دڪان کولڻ  توڙي ٻين مختلف طريقن سان لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 150 شهرين کي گرفتار ڪري ورتو.

سکر ۾ پوليس 50 شهرين کي گرفتار ڪري کين اُٿ ويهه ڪرائڻ ۽ ڪڪڙ بڻائڻ بعد ڇڏي ڏنو.

خيرپور ۾ پوليس لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ 20 شھرين کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ٽولين جي صورت ۾ بيٺل ماڻهن تي لٺبازي به ڪئي وئي.

ميرپور بٺوري ۾ پوليس ڪارروائي دوران ھوٽل ۽ دڪان کولڻ جي الزام هيٺ چار ڄڻن ذوالفقار خواجا، علي احمد ملاح، صالح شيخ ۽ ضمير حسين ملاح کي گرفتار ڪري مٿن 188 تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

ڪوٽ غلام محمد ۾ پوليس  ڪارروائي دوران پوليس اھلڪار منظور علي چانڊيو، سندس 2 پٽ ديدار علي ۽ باڪر علي کي گرفتار ڪري ورتو.

گرفتار اهلڪار ۽ سندس 2 پٽن خلاف پوليس جي فرياد تي ڊيوٽي اٽڪاءُ  ۽ قلم 144 جي ڀڃڪڙي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.

جڏهن ته دادو ۾ به پوليس مختلف علائقن ۾ ڪاررروائي ڪري  10 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب گرفتار شهري پابندي باوجود ٽولن جي صورت ۾ بيٺل هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*