سنڌ ۾ ڪرونا وائرس کي روڪڻ لاءِ ٻئين ڏينهن به لاڪ ڊائون برقرار آهي

سنڌ ۾ ڪرونا وائرس کي روڪڻ لاءِ ٻي ڏينهن به لاڪ ڊائون برقرار آهي، ڪراچي سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪاروباري مرڪز، پبلڪ ٽرانسپورٽ بند ۽ عوام گهرن تائين محدود آهي، سنڌ حڪومت موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي به پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

 موتمار ڪرونا وائرس کي روڪڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي حڪم تي سڄي صوبي ۾ ٻي ڏينهن به لاڪ ڊائون آهي.

ڪراچي ۾ سمورا ڪاروباري مرڪز، ريسٽورينٽ، هوٽل، تفريحي ماڳ ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ بند آهي.

حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد شڪارپور،مديجي، خانپور،  خيرپور، ڪشمور ڪنڌڪوٽ،  گهوٽڪي، سانگهڙ ، بدين، نوابشاهه، ٺٽو، سجاول، دادو،مٽياري، هالا، ڪنڊياري، ٺري ميرواهه، فريد آباد، ٿاڻو بولا خان، مير بٺورو، مبارڪ پور سميت صوبي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ لاڪ ڊائون آهي.

لاڪ ڊائون سبب عوام گهرن تائين محدود آهي، جڏهن ته ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

سنڌ حڪومت اعلان باوجود اڃا تائين ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيتن جي ڪا به سار نه ي آهي.

سنڌ حڪومت ڪرونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي به پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*