ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ صوبا پنهنجي حالتن مطابق قدم کڻن: فردوس عاشق اعواڻ

سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعطم هر صوبي کي اختيار ڏنو آهي ته اهي پنهنجون اوليتون پاڻ طئي ڪن،هر صوبو پنهنجن حالتن مطابق ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ قدم کڻي.

جاري ڪيل بيان ۾ سڌ سماءَ بابت  خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم سمورن شهرين لاءِ هڪجهڙي سوچ رکي ٿو.

هن چيو ته شهباز شريف جو اهڙو ڪوبه پروجيڪٽ نه هو،جيڪو داغدار نه هجي.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عوام اهڙن ماڻهن جي راءِ کي تڪراري سمجهي ٿو.

خاص معاون  سرهائي جو اظهار ڪندي چيو ته ڪيترن ئي ماڻهن ڪرونا وائرس کي مات ڏني ۽ سٺي زندگي گذارين پيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*