عوام لاڪ ڊائون واري فيصلي تي سنڌ حڪومت سان سهڪار ڪري: بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عوام لاڪ ڊائون واري فيصلي تي سنڌ حڪومت سان سهڪار ڪري،بيمار ٿيندڙ سنڌ حڪومت سان رابطو ڪن ته جيئن سندن علاج ڪرائي سگهجي،لاڪ ڊائون دوران راشن جي ضرورت پوي ته حڪومت سان رابطو ڪيو وڃي.

جاري ڪيل ويڊيو بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن وقت سڄي دنيا ۾ ڪرونا وائرس پکڙجي ويو آهي،وائرس سبب ماڻهو بيمار ۽ فوت ٿي رهيا آهن.

هن چيو ته عوام جي صحت ۽ زندگي حڪومت جي اهم ذميواري آهي،ڪرونا وائرس جو علاج ۽ نه وري ڪا ويڪسين آهي.

 پ پ چيئرمين چيو ته سنڌ حڪومت عوام جي تحفظ لاءِ سخت فيصلا ڪيا آهن،سنڌ حڪومت پاران ضرورتمندن کي راشن پهچايو ويندو،سرندي وارا حڪومت جي مدد ڪن ته جيئن غريب ماڻهو پريشان نه ٿين.

هن چيو ته ڄاڻان ٿو ته نوڪري ڪندڙ طبقو لاڪ ڊائون دوران پريشان هوندو،لاڪ ڊائون دوران ڪير به ڪنهن کي بيروزگار نٿو ڪري سگهي،لاڪ ڊائون دوران ڊيوٽي تي نه ايندڙن کي پگهار به ڏيڻي پوندي.

بلاول چيو ته عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن،وفاقي حڪومت وبا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مدد ڪري،متحد ٿيڻ سان ڪرونا وائرس جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو.

هن چيو ته عوام ساٿ نه ڏنو ته سڄي محنت ضايع ٿي ويندي،ساٿ نه ڏيڻ جي صورت ۾ وڌيڪ جاني نقصان ٿي سگهي ٿو،عوام گهرن اندر رهي زندگين جو تحفظ ڪري.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*