ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڊيوٽين ۾ لاپرواهي ڪرڻ تي 19 پوليس اهلڪارن کي نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو

ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڪرونا وائرس سبب لاڪ ڊائون دوران ايمرجنسي  ڊيوٽي تي نه پهچندڙ 19 پوليس اهلڪارن کي نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو، ٻين اهلڪارن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

 ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش ايمرجنسي ڊيوٽيز نه ڪندڙ هڪ سب انسپيڪٽر، 2 اي ايس آئيز ۽ ٻين اهلڪارن کي برطرف ڪيو،

جڏهن ته لاڙڪاڻي جي مختلف ٿاڻن جي وڏن منشين کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*