ڪي ٽي اين نيوز تان خبر نشر ٿيڻ بعد ٽنڊوالهيار جو شڪي مريض نوجوان اسپتال منتقل

ٽنڊو الهيار جو ڪرونا وائرس جو شڪي مريض نوجوان دربدر، نوجوان جي 17 ڪلاڪن کان  اسڪريننگ نه ٿي سگهي، ڊي سي پاران نوٽيس وٺڻ بعد ٻيهر حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي.

ڪرونا وائرس جو شڪي مريض نوجوان  عمران 5 ڪلاڪ سول اسپتال حيدرآباد جي فٽ پاٿ تي تڙپندو رهيو، ڪي ٽي اين نيوز تي خبر هلڻ کانپوءِ ڊي سي نوٽيس ورتو، جنهن بعد نوجوان کي ٽنڊو الهيار اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو،17ڪلاڪ گذرڻ کانپوءِ نوجوان کي ٻيهر سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي.

نوجوان جي پيءُ جو چوڻ آهي ته پٽ جي اڃا تائين اسڪريننگ نه ٿي آهي، ٽنڊي الهيار ۾ ٽيسٽ ڪرڻ بدران حيدرآباد موڪليو ويوآهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*