ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ سموري سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به لاڪ ڊائون آهي

ڪرونا وائرس کان بچاءَ لاءِ سڄي سنڌ ۾ لاڪ ڊائون سبب ٽئين ڏينهن به ماڻهو گهرن تائين محدود آهن، سرڪاري آفيسون، ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند ۽ روڊ رستا ويران آهن.

ڪراچيءَ جِي صدر مارڪيٽ سوڌو ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند آهن، جڏهن ته سڄي شهر ۾ رينجرز ۽ پوليس جا اهلڪار گشت ڪري رهيا آهن.

حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر، لاڙڪاڻي، نوابشاهه، خيرپور، جيڪب آباد، دادو، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، قمبر ۽ شهدادڪوٽ ۾ ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.

شڪارپور، گهوٽڪي، نوشهري فيروز، مٽياري، سانگهڙ، ٺٽي، بدين، مٺي ۽ عمرڪوٽ ۾ به لاڪ ڊائون سبب روڊ رستا ويران آهن.

ٺل، تنگواڻي، ڳڙهي خيرو، منهڙو، پنگريو، ميروخان، سرهاڙي، ماتلي، ڄام صاحب، ڪنري، ڪڪڙ، ڇاڇرو، بهرام، ميان صاحب ۽ پڊ عيدن ۾ به بازارون مڪمل طور بند آهن.

مٺياڻي، ڀان سيد آباد، ڊرٻ ميهر شاهه، سوڀوديرو، اوٻاوڙو، پنگريو، ميروخان ۽ ٻين شهرن ۾ به لاڪ ڊائون سبب ماڻهو گهرن تائين محدود آهن.

سڄي سنڌ ۾ لاڪ ڊائون تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار گشت ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڀڃڪڙي ڪندڙن کي گرفتار پڻ ڪيو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*