وفاقي حڪومت پيٽروليم شيون اڄ کان 15 رپيا في ليٽر سستيون ڪري ڇڏيون

وفاقي حڪومت ڪرونا وائرس سبب پريشان ماڻهن کي رليف ڏيندي پيٽروليم شيون اڄ کان 15 رپيا في ليٽر سستيون ڪري ڇڏيون، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول في ليٽر 15 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ نئون اگهه 96 رپيا 58 پيسا مقرر ٿي ويو آهي.

گاسليٽ في ليٽر 15 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ نئون اگهه 77 رپيا 39 پيسا في ليٽر مقرر ڪيو ويو آهي.

هاءِ اسپيڊ ڊيزل في ليٽر تي 15 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ نئون اگهه 107 رپيا 25 پيسا تائين پهچي ويو آهي.

ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته پيٽرول، ڊيزل ۽ گاسليٽ جا نوان اگهه ٽن مهينن تائين لاڳو رهندا.

واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان گذريل ڏينهن سينيئر صحافين سان ڳالهه ٻولهه دوران پيٽروليم شين جَي اگهن ۾ گهٽتائيءَ جو اعلان ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*