سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ ڪرونا وائرس متاثرن جو انگ هڪ هزار 39 ٿي ويو

سنڌ سوڌو سڄي ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جِي پکيڙ جاري آهي، اڄوڪي ڏينهن دوران وڌيڪ 49 ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ مريضن جو انگ هڪ هزار 39 تائين پهچي ويو آهي.

سنڌ ۾ 3 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثر ماڻهن جو انگ 413 ٿي ويو، جڏهن ته وڌيڪ 10 مريض ٺيڪ ٿيڻ کانپوءِ صحتياب ٿيلن جو انگ 14 تائين پهچي چڪو آهي.

خيبرپختونخواهه ۾ مردان جِي يونين ڪائونسل منگا ۾ 46 ماڻهن جون ٽيسٽون ڪرايون ويون، جن مان 39 ڄڻن ۾ ڪرونا وائرس هجڻ جِي تصديق ٿي.

ڪي پي جَي صحت واري وزير تيمور سليم جهڳڙا جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ متاثرن جو انگ وڌي 117 ٿي ويو آهي، جڏهن ته هن مهل تائين 3 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

بلوچستان ۾ اڄوڪي ڏينهن دوران وڌيڪ 5 ڄڻن ۾ وائرس جِي تصديق کانپوءِ مريضن جو انگ 115 تائين پهچي چڪو آهي.

اسلام آباد ۾ وڌيڪ هڪ ڪيس ظاهر ٿيو، جنهن کانپوءِ مريضن جو انگ 16 ٿي ويو، جڏهن ته گلگت-بلتستان ۾ به هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ 81 تائين پهچي ويو آهي.

پنجاب ۾ 296 ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڪرونا وائرس جو هڪ ڪيس رپورٽ ٿي چڪو آهي.

واضح رهي ته ڪرونا وائرس وگهي سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ هن مهل تائين 7 حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*