چين 5 لک ماسڪ ۽ 50 هزار ڪٽس سنڌ حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏيا

ڪرونا وائرس کي منهن ڏيندڙ سنڌ واسين لاءِ چڱي خبر آهي، ڪرونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ چين مان پهريون جهاز سامان کڻي ڪراچي پهچي ويو، سامان ۾ 5 لک ماسڪ ۽ 50 هزار ڪٽس شامل آهن، وڏي وزير ايئرپورٽ تي پهچي سامان وصول ڪيو.

چين پاران ڪرونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ لاءِ عطيو ڪيل سامان کڻي پهريون جهاز بيجنگ کان ڪراچي ايئرپورٽ تي پهتو، جتي وڏو وزير مراد علي شاهه پڻ پهتو.

وڏي وزير مراد علي شاهه چين پاران سنڌ حڪومت لاءِ اماڻيل 5 لک ماسڪ، 50 هزار ڪٽس ۽ ٻيو وصول ڪيو ۽ چيني حڪومت جا ٿورا مڃيا.

سنڌ ۾ ڪرونا ڪٽس ۽ ٻئي سامان جي کوٽ سبب ڪراچي جي وڏين اسپتالن مريضن کي رکڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو هو.

سنڌ ۾ ڪٽس جي بحران واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي مشهور سماجي اڳواڻ فيصل ايڌي به پنهنجي جهاز ذريعي چين مان 50 هزار ڪٽس خريد ڪرڻ لاءِ وڃڻ چاهيو پر وفاقي حڪومت طرفان کيس اجازت نه ڏني وئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*