ڪرونا وائرس جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت اثرائتا قدم کڻي رهي آهي: فردوس عاشق اعواڻ

سُڌ سماءَ  بابت وزيراعظم جي خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪرونا وائرس جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتي قومي حڪمت عملي ۽ معاشي پئڪيج جو اعلان عمران خان جي قوم ۽ غريبن لاءِ احساس جي جهلڪ آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽير تي پنهنجي هڪ بيان ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم عمران خان معاشري جي سمورن طبقن کي نظر ۾ رکندي قدم کڻي رهيو آهي.

هن چيو ته قوم کي پيش ايندڙ مسئلن کي نظر ۾ رکندي هڪ بهترين معاشي پئڪيج ڏنو ويو آهي، جنهن تحت ڏهاڙي ڪمائيندڙ طبقي لاءِ 200 ارب ۽ غريب ماڻهن لاءِ 150 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

فردوس عاشق اعواڻ جو وڌيڪ چوڻ آهي ته يوٽيلٽي اسٽورز لاءِ 50 ارب رپين جي رقم جو مقصد عوام کي سستين ۽ معياري شين جي فراهم يقيني بڻائڻ آهي، لاڪ ڊائون لاءِ هڪ سئو ارب ۽ ڪڻڪ جي خريداري لاءِ 280 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

سُڌ سماءَ واري خصوصي معاون چيو ته معاشي پئڪيج مان ظاهر ٿئي ٿو ته عمران خان جي حڪومت هر وقت عوام لاءِ سوچي ٿي، ملڪ ۽ قوم جي بهتري ئي اسان جو مقصد آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*