ڪنڌڪوٽ ويجهو ريلوي ٽريڪ تي بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس جي هڪ ٻوگي پٽڙي تان لهي وئي، هڪ مسافر زخمي ٿي پيو آهي

بخشاپور ريلوي اسٽيشن ڀرسان شر پسندن 5 فوٽ ريلوي ٽريڪ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جنهن سبب خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس جي هڪ بوگي پٽڙي تان لهي وئي، واقعي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

ڌماڪي بعدِ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون، جڏهن ته پوليس ۽ رينجرز علائقي کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو.

ريلوي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڌماڪي سبب 5 فوٽ ريلوي ٽريڪ متاثر ٿيو آهي،جنهن جو مرمتي ڪم جاري آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪو ريموٽ ڪنٽرول ڊوائيس ذريعي ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*