ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ سموري سنڌ چوٿين ڏينهن به بند

سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي چوٿين ڏينهن به ماڻهو گهرن تائين محدود ۽ ڪاروبار مڪمل طور بند آهي، جڏهن ته  روڊ رستا ويران آهن

 ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ، لاڙڪاڻي ۽ نوابشاهه ۾ ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند آهي

خيرپور، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور، قمبر، شهدادڪوٽ، دادو ۽ شڪارپور ۾ به شهر بند ۽ ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن

ڄامشوري، گهوٽڪي، سانگهڙ ۽ مٽياري ۾ به ڪاروبار نه کوليو ويو، ٽنڊي محمد خان، ٽنڊي الهيار، ٺٽي، سجاول ۽ بدين ۾ به ڪاروبار بند آهي

مٺي، عمرڪوٽ، ڪڪڙ، ڀرياسٽي ۽ ڀريا روڊ، سوڀوديرو، سنڌڙي، سنجهورو، پير جو ڳوٺ ۽ منهڙو  ۾ ڪاروباري مرڪز مڪمل طوربند آهن.

گمبٽ، سلطان ڪوٽ، تلهار ۽ ميان صاحب ۾ به مڪمل لاڪ ڊائون، سرهاڙي، کاهي، کڏڙو، نارو، چونڊڪو ۽ ڀان سيد آباد ۾ به ڪاروبار نه کليو آهي.

کپرو، ڪنري، پڊعيدن، پنگريو، ٺري ميرواهه ۽ ٺارو شاهه ، سن، گمبٽ، فريد آباد، باڊهه،  ڇاڇرو،  هالا ، ٺڪراٺو، لکي غلام شاهه، ٺل، ڪوٽڙي ۽ ڪنڌرا ۾ به ڪاروبار مڪمل بند آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*