وفاق آءِ ايم ايف سان نئين سر ڳالهيون ڪري: بلاول ڀٽو زرداري

پيپلز پارٽي جَي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري معيشت تي ڪرونا وائرس جَي اثرن کانپوءِ وفاقي حڪومت کان آءِ ايم ايف سان نئين سر ڳالهيون ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري سماجي رابطن جِي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته حڪومت آءِ ايم ايف سان نئين سر ڳالهيون ڪري.

هن چيو ته ڪرونا وائرس جِي وبا سبب عالمي معيشت تي اثر پيا آهن، تنهنڪري حڪومت کي آءِ ايم ايف سان نوان شرط طئه ڪرڻ گهرجن.

سندس چوڻ هو ته ڪرونا وائرس عالمي وبا آهي، جنهن پاڪستان سوڌو ڪيترن ئي ملڪن جِي معيشت تي اثر وڌا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*