سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي پکيڙ جاري

سنڌ سوڌو سڄي ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جِي پکيڙ جاري آهي، وڌيڪ 25 ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ مريضن جو انگ 11 سئو 2 ٿي ويو آهي

سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جا 4 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، جنهن کانپوءِ مريضن جو انگ وڌي 417 ٿي ويو آهي

بلوچستان ۾ وڌيڪ 12 ڪيسن جِي تصديق کانپوءِ مريضن جو انگ 131 تائين پهچي چڪو آهي

اسلام آباد ۾ 9 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، جنهن کانپوءِ ڪرونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو انگ 28 ٿي ويو آهي

پنجاب ۾ 323، ڪي پي ۾ 121، گلگت-بلتستان ۾ 84 ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي

واضح رهي ته سنڌ سوڌو سڄي ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي هن مهل تائين 8 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*