ڊاڪٽرز، طبي سهولتون ۽ ٻيو سامان موڪلڻ تي چين جا ٿورائتا آهيون: فردوس عاشق اعواڻ

خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪرونا وائرس جي چيلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ طبي سهولتون، سامان ۽ ڊاڪٽر موڪلڻ تي چين جا ٿورائتا آهيون.

ٽوئيٽ ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته چين جنهن بهترين  نظم ۽ ضبط سان وبا تي ڪنٽرول ڪيو،اهو دنيا لاءِ مثال آهي.

هن چيو ته ڪرونا جي حوالي سان پاڪستان چيني ڊاڪٽرن جي علم،تجربي ۽ مهارت مان فائدو حاصل ڪندو،هر مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي سان ساٿ نڀائڻ  آئرن برادرز جي هڪ شاندار روايت آهي.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام کي خلوص واري دوستي تي فخر آهي.

خاص معاون چيو ته پاڪستان جي معاشي ترقي  لاءِ سهڪار هجي يا ڪشمير جي مسئلي تي اسان جي اصولي موقف جي حمايت، چين هميشه پاڪستان ۽ عوام جي اميدن تي پورو لٿو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*