ايران مان وڌيڪ 130 ڄڻن تي مشتمل قافلو ڏيهه پهچي ويو

ايران مان وڌيڪ 130 ڄڻن تي مشتمل قافلو ڏيهه پهچي ويو، اڄ  لاڙڪاڻي جي قرنطينه سينٽر پهچايو ويندو

ايران جي مختلف علائقن مان 130 ڄڻن تي مشتمل قافلو تفتان رستي  بلوچستان پهچي ويو، جتان قافلي کي  اڄ  لاڙڪاڻي پهچايو ويندو،

واپس موٽندڙ 130 ماڻهن کي لاڙڪاڻي ۾ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي بوائز هاسٽل  ۾ قائم قرنطينه سينٽر ۾ رکيو ويندو.

 واپس موٽندڙ 130ڄڻا ايران جي مختلف شھرن ۾ مزدوري ڪندا ھئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*