وڏي وزير مراد علي شاهه لاڪ ڊائون کي وڌيڪ سخت ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه لاڪ ڊائون کي وڌيڪ اثرائتو بنائڻ ۽ سخت ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن

سي ايم هائوس ۾ ٿيل لاڪ ڊائون کي موثر بنائڻ لاءِ  اجلاس دوران وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته  اسان خوشي سان نه پرڏکوئيل دل سان

مسجدن ۾ عام ماڻھن جي باجماعت نماز جي ادائيگي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو

هن چيو ته  مون پاڻ جمعي جي نماز امام جي آواز تي گهر ۾ ادا ڪئي

هن چيو ته  شهري هينئر به  رستن تي موجود نظر اچي رهيا آھن

وڏي وزير زور ڀريو ته شهرين کي حڪومتي فيصلن جو احترام ڪرڻ گهرجي

ان موقعي تي اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*