سموري سنڌ ڇهين ڏينهن به بند آهي

 سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ لاڪ ڊائون جي ڇهين ڏينهن به سمورو ڪاروبار بند ۽ ماڻهو گهرن تائين محدود آهن، جڏهن ته  ٽريفڪ به مڪمل طور بند پيل آهي.

ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو،  نوابشاهه ۽ ميرپورخاص ۾ سرڪاري آفيسون ۽ ڪاروباري مرڪز ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ بند آهن.

ڄامشورو، دادو، قمبر، شهدادڪوٽ، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، خيرپور، شڪارپور، گهوٽڪي ۽ نوشهري فيروز ۾ به لاڪ ڊائون  آهي.

ٺٽي، سجاول، بدين، مٺي، عمرڪوٽ ۽ سانگهڙ، مٽياري، ٽنڊي محمد خان ۽ ٽنڊي الهيار ۾ ڪاروبار بند، ماڻهو گهرن تائين محدود آهن.

تنگواڻي، ڀرياسٽي، ڀريا روڊ، ڪنڌرا، ماتلي، ڊکڻ ۽ ٽنڊو باگو تلهار، شاهپور چاڪر ۾ گڊو، سنڌڙي، پڊعيدن، کڏڙو ۽ خانپور مهر ۾ بازارون بند آهن.

پنگريو، بهرام، ڀرياسٽي، ڀريا روڊ، مدئجي، منهڙو  ۾ به ماڻهو گهرن تائين محدود آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*