ڪرونا وائرس 199 ملڪن تائين پکڙجي ويو، فوت ٿيلن جو انگ 27 هزار ٿي ويو

ڪرونا وائرس 199 ملڪن تائين پکڙجي ويو،دنيا ۾ فوت ٿيلن جو انگ 27 هزار 370 ٿي ويو

ڪرونا وائرس سبب سموري دنيا ۾ 5 لک 95 هزار 267 متاثر ۽ هڪ لک 21 هزار 303 ماڻهو صحتياب ٿي ويا آهن

اٽلي ۾ ڪرونا وائرس سبب هڪ ڏينهن ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ شهري فوت ٿي ويا آهن ۽ فوتين جو تعداد وڌي 9134 ٿي ويو آهي ۽  86 هزار 498 متاثر ٿيا آهن.

آمريڪا ۾ ڪرونا وائرس سبب  1701 فوت ۽  هڪ لک 4 هزار 205 متاثر ٿيا آهن.

  چين ۾ 3 هزار 295 فوت ۽  متاثرن جو تعداد81 هزار 394 ٿي ويو آهي.

اسپين ۾ 5 هزار 138 فوت ۽  65 هزار 719  شهري متاثر ٿيا آهن.

ڪرونا وائرس سبب فرانس ۾ 1995 فوت ۽ 32 هزار 964 متاثر،ايران ۾ 2 هزار 378 فوت ۽ 32 هزار 332 متاثر ٿيا آهن.

عالمي رپورٽس مطابق جرمني ۾ 351 فوت ۽  50 هزار 871 متاثر ٿي ويا،جڏهن ته برطانيا ۾ 749 فوت ۽  14 هزار 543 متاثر ٿيا آهن

ڪرونا وائرس  سبب يورپي ملڪ سوئٽزرلينڊ ۾ 231 فوت ۽  12 هزار 928 متاثر،نيدرلينڊ ۾ 546 فوت ۽  8 هزار 603 متاثر ۽ ڏکڻ ڪوريا ۾ 144 فوت ۽ 9478 متاثر ٿي ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*