سموري ملڪ ۾ ڪرونا وائرس سبب متاثر مريضن جو تعداد 1408 ٿي ويو

سموري ملڪ ۾ ڪرونا وائرس سبب متاثر مريضن جو تعداد  1408 ٿي ويو آهي، جڏهن ته فوتين جو تعداد يارهن ٿي ويو آهي، پنجاب مريضن جي حوالي سان سنڌ کان به اڳ ڪڍي ويو آهي.

ملڪ اندر ڪرونا وائرس جي مريضن ۾ پنجاب سنڌ کان به اڳتي نڪري ويو آهي،هينئر تائين متاثرن جو انگ وڌي 490 ٿي ويو آهي.

ملڪ اندر صحتمند ٿي ويل شهرين جو تعداد 23 ٿي ويو آهي.

سموري ملڪ ۾ 35،سنڌ ۾ 17 نوان ڪيس سامهون اچڻ بعد ڪرونا وائرس کان 457  شهري متاثر ٿيا آهن،جڏهن ته ڪي پي ۾ 180، بلوچستان ۾ 133، گلگت بلتستان ۾ 107،اسلام آباد ۾ 39 ۽ آزاد ڪشمير ۾ ٻن ماڻهن  ۾ وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي.

ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ ڪرونا وائرس جي مقامي ٽرانسميشن جي ڪيسز جو تعداد وڌي ڪري مجموعي ڪيسز جو 10 سيڪڙو ٿي ويو آهي، جيڪو خطرناڪ  رجحان آهي.

پاڪستان ۾ جمعي ڏينهن ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 179 ڪيسز رپورٽ ٿيا، جن مان ڪي پي ۾ 57، پنجاب ۾ 85،سنڌ ۾ 19، گلگت بلتستان ۾ 16 ۽ اسلام آباد ۾ ٻن ڪيسن جي تصديق ٿي هئي.

پنجاب ۾ سڀني کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون آهي، جتي فوتين جو انگ وڌي پنج ٿي ويو آهي، جڏهن ته لاهور ۾ ٽي، فيصل آباد ۽ راولپنڊي ۾ هڪ هڪ شهري فوت ٿي ويا،ڪي پي ۾ ٽي، بلوچستان، سنڌ ۽ گلگت ۾ هڪ هڪ فوت ٿي ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*