ملڪ ۾ لاڪ ڊائون باوجود ڊاڪٽر، صحافي ۽ سيڪيورٽي اهلڪار پنهنجا فرض نڀائي رهيا آهن: فردوس عاشق اعواڻ

سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪرونا کان بچاءَ لاءِ احتياطي قدم کڻڻ هر فرد  جي ذميداري آهي

سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي  خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عوام ۾ سجاڳي ۽ صوبن ۽ مرڪز ۾ ڄاڻ جي مٽاسٽا لاءِ سڌ سماءَ جي وزيرن جو ٻيو سيشن اڄ ٿيندو.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪرونا وائرس جي ڦهلاءَ کانپوءِ  حڪومت وٽ  صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي سلامتي کي يقيني بنائڻ لاءِ مختلف تجويزون ۽ حڪمت عملي غور هيٺ آهن.

واضح رهي ته ملڪ ۾ لاڪ ڊائون جي باوجود ڊاڪٽر، صحافي ، پوليس ۽ سيڪيورٽي اهلڪار  پنهنجا فرض نڀائي رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*