ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 20 ٿي ويو

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 20 ٿي ويو، ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر پاران جاري ڪيل انگ اکرن موجب 54 ڪيس سامهون اچڻ بعد متاثر مريضن جو انگ به 1625 تائين پهچي ويو.

ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر پاران جاري ڪيل تفصيلن مطابق  ملڪ اندر  ڪرونا جي  11 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ،جڏهن ته  54  شهري ٺيڪ ٿي چڪا آهن.

ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر مطابق  پنجاب ۾ مريضن جو انگ 593، سنڌ ۾ 508، ڪي پي ۾ 195 ۽ بلوچستان ۾ 114 ٿي ويو آهي.

تازي صورتحال مطابق   اسلام آباد ۾ 51 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 6 ڪرونا وائرس جا مريض موجود آهن.

 تازي صورتحال مطابق گلگت بلتستان ۾ 128 مريضن ۾ وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي، جڏهن ته سموري ملڪ ۾ 14 هزار شڪي مريض موجود آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*