صحت جي بجيٽ ۾ اضافو اسان جي ڪاوشن جو آئينو آهي: فردوس عاشق اعواڻ

سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ  چيو آهي ته وزيراعظم لاءِ پاڪستان جي عوام جي صحت پهرين اوليت آهي

جاري ڪيل بيان ۾ خاص معاون  جو  چوڻ هو ته صحت جي شعبي جي ترقي ماضي جي حڪمرانن جي اوليتن ۾ شامل نه هئي،حقيقتون بيان ڪرڻ تي مخالف ڌر ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي وڃي ٿي.

هن چيو ته  صحت جي بجيٽ ۾ اضافو اسان جي ڪاوشن جو آئينو آهي،صحت جي شعبي جي ترقي لاءِ قدم حقيقي قومي خدمت آهي.

فردوس عاشق اعواڻ  جو چوڻ هو ته ڪرونا  جي چيلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ  سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون،قومي ڪوششن کي هٿي وٺرائيندي ان تي ڪنٽرول ڪري وٺنداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*