وزيراعظم عمران خان جو رويو ڪرونا وائرس خلاف جنگ ۾ هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي برابر آهي: شهباز شريف

مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف  چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو رويو ڪرونا وائرس جي خلاف جنگ ۾ هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي برابر آهي.

جاري ڪيل بيان  ۾ شهباز شريف چيو ته پنجاب ۾ ڪرونا وائرس  جي مريضن جي تعداد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن تڪڙا قدم نه کنيا ويا ته پنجاب ۾ وڏي تباهي ڏسي رهيو آهيان.

هن چيو ته حڪومت جي ٽيسٽ نه ڪرڻ جي فيصلي سان قوم جي جان کي خطرو  وڌو ويو آهي، جڏهن ته ڪرونا وائرس جي مريضن، ٽيسٽنگ ۽ اسڪريننگ  بابت  سمورو ڊيٽا سامهون آندو وڃي.

شهباز شريف چيو ته حڪومت پاران ڪرونا جي متاثرن ، ٽيسٽ ۽ اسڪريننگ جا انگ اکر لڪائڻ ڏوهه آهي ۽ ان جو حل وڏي پئماني  تي ٽيسٽنگ ۽ اسپتالن ۾ الڳ قرنطينيه سينٽرز قائم ڪرڻ آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*