تلهار ۾ نينگر مبينا طور اغوا، وارثن جو ڌرڻو

تلهار جَي وارڊ نمبر 5 ڳاها پاڙي مان نينگر مبينا طور اغوا ٿي ويو، سندس وارثن بازيابيءَ لاءِ بدين-حيدرآباد باءِ پاس تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

خديجه لغاري پنهنجي مڙس ۽ چئن ٻارن سان گڏجي باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو ۽ دانهون ڪري پٽ جِي بازيابيءَ جو مطالبو ڪندي رهي.

اُن موقعي تي خديجه لغاري چيو ته منشيات فروش سندس 10 ورهين جَي پٽ حسين بخش لغاري کي اغوا ڪري ويا آهن، پر پوليس ڪا به ڪارروائي نٿي ڪري.

هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي سندس پٽ کي بازياب ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

اُن موقعي تي پوليس پهچي انصاف جِي خاطري ڪرائيندي ڌرڻو ختم ڪرايو ۽ چيو ته ڄاڻايل جوابدارن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، نينگر کي به جلد بازياب ڪرايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*