آرمي چيف جنرل راحيل شريف صفوران سانحي کان پوءِ سريلنڪا جو دورو ملتوي ڪري ڪراچي پهچي ويو آهي.

آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي ٽن ڏينهن لاءِ سريلنڪا وڃڻو هو ، ڪراچي واقعي کان پوءِ هن پنهنجو دورو ملتوي ڪيو.

آرمي چيف جنرل راحيل شريف هنگامي بنيادن تي ڪراچي پهچي ويو آهي جتي هن ڪور هيڊ ڪوارٽر جو دورو پڻ ڪيو.

آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي ڪراچي جي ڪور ڪمانڊر صفوران واقعي بابت بريفنگ پڻ ڏني جنهن دوران ڊي جي رينجرز بلاول اڪبر پڻ شرڪت ڪئي.

ذريعن موجب ، آرمي چيف  جنرل راحيل شريف اڄ شام وزير اعظم طرفان گورنر هائوس ۾ گهرايل اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*