پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس وگهي فوتين جو تعداد 31 ٿي ويو

ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ پنج جانيون ضايع ٿيڻ بعد  پاڪستان ۾ فوتين جو تعداد 31 ۽ مجموعي متاثرن جو  انگ وڌي 2291 ٿي ويو

ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر مطابق پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس  تي ڪنٽرول ٿي نه سگهيو، سنڌ ۾ وڌيڪ ٻه ۽ پنجاب ۾ هڪ شهري فوت ٿي ويا، جنهن بعد سنڌ ۾ فوتين جو تعداد ڏهه ۽ پنجاب ۾ ڏهه ٿي ويو.

سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ جتي 59 سالن جي مريض کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ،جيڪو وفات ڪري ويو آهي.حيدرآباد ۾ به هڪ شهري فوت ٿي ويو آهي.

پاڪستان اڄ خميس ڏينهن ڪرونا وائرس  سبب هينئر تائين 252 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جن مان سنڌ ۾ 34 ۽ پنجاب ۾ 23 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن،جڏهن ته ڪي پي ۾ ٻن فوتين جي تصديق ٿي آهي، جنهن کانپوءِ فوتين جو تعداد  ڏهه ٿي ويو آهي.

سنڌ جي صحت کاتي  جي سمري مطابق سنڌ ۾ هينئر تائين  ڪرونا وائرس جا 34 ڪيس رپورٽ ٿيا، جنهن بعد  صوبي ۾ ڪيسز جو مجموعي تعداد 743 ٿي ويو.

ڪي پي ۾ هينئر تائين 23 نوان ڪيس  سامهون آيا، جڏهن ته ٻه شهري فوت ٿي ويا.صوبي ۾ متاثرن جو انگ 276 ٿي ويو.

پنجاب ۾ مجموعي طور تي 845 ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته 10 شهري فوت ٿي ويا.

بلوچستان ۾ 169 ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته هڪ شهري فوت ٿي ويو آهي.

گلگت ۾ 187 شهري متاثر ۽ ٻه فوت ٿي  چڪا آهن، جڏهن ته اسلام آباد ۾ 58 ۽ آزاد ڪشمير ۾ نو، شهري متاثر ٿيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*