سنڌ ۾ ڪرونا وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 10 ٿي ويو

حيدرآباد آئسوليشن سينٽر ۾ ڪرونا وائرس وگهي هڪ ڄڻو فوت ٿيڻ بعد سنڌ اندر حياتيون وڃائيندڙ ماڻهن جو انگ وڌي 10 ٿي ويو آهي، صوبي اندر ڪرونا متاثرن جو انگ 7 سئو 43 تي پهچي ويو.

ٽنڊي محمد خان جي نصيرآباد پاڙي جو رهواسي 65 ورهين جو منظور ميمڻ حيدرآباد جي آئسوليشن وارڊ ۾ فوت ٿي ويو، جنهن کي 3 ڏينهن اڳ ڪرونا وائرس هئڻ جي تصديق ٿي هئي.

سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو تصديق ڪندي چيو آهي ته لاڳاپيل شخص کي 28 مارچ تي حيدرآباد آئسوليشن وارڊ منتقل ڪيو ويو هو، جنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب وينٽيليٽر تي هو.

عذرا پيچوهو موجب لاڳاپيل شخص تبليغي جماعت سان ويل هو، جنهن کي واپسيءَ تي ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي هئي.

سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جو وڌيڪ هڪ مريض فوت ٿيڻ کانپوءِ صوبي اندر حياتيون وڃائيندڙ ماڻهن جو انگ وڌي 10 ٿي ويو آهي، جڏهن ته سنڌ اندر خطرناڪ وائرس جي متاثرن جو انگ وڌي 7 سئو 43 تي پهچي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*