لفظ ٽائيگر کي ڪنهن سياسي جماعت سان نه جوڙيو وڃي: فردوس عاشق اعواڻ

سڌسماءَ بابت خاص معاون  فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سماج جي خدمت ڪندڙ   هر نوجوان ٽائيگر آهي، لفظ ٽائيگر کي ڪنهن سياسي جماعت سان نه جوڙيو وڃي.

ٽوئيٽ ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته نوجوان قومي خدمت جي مشن لاءِ  پاڻ کي سٽيزن  پورٽل  تي رجسٽرڊ ڪرائين.

فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته سمورين سياسي پارٽين کي گذارش آهي ته اهي لفظن بدران ڪاز کي اهميت ڏين.

هن چيو ته سماجي خدمتن  ۾ نوجوانن هميشه  روشن ڪردار ادا ڪيو، ڇاڪاڻ ته اهي بنا لالچ جي خلق جي خدمت جو جذبو رکن ٿا.

هن چيو ته وزير اعظم  حقدار ماڻهن کي گهرن ۾ ضرورت جون شيون پهچائڻ جي ذميداري انهن نوجوانن جي حوالي ڪئي آهي، جيڪي سماجي ڪم ۾ عمران خان جو ساٿ نڀائيندا رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*