پيرجوڳوٺ ويجهو چوري دوران مزاحمت تان هٿياربندن هٿان هڪ ئي گهر جا 4 ڀاتي قتل

پيرڳوٺ ويجهو چوري دوران  مزاحمت تان هٿياربندن چورن فائرنگ ڪري گهر ڌڻي کي ٻن پٽن ۽ ڀاءُ سميت  بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، هٿياربند موقعي تان فرار ٿي ويا، واقعي کي ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس ڪو به نوٽيس نه ورتو، واقعي جو ڪيس به داخل نه ٿي سگهيو آهي.

ڳوٺ کولرا ۾اڻڄاتل هٿياربند چورن هڪ دڪان کي کاٽ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران ڳوٺاڻن سجاڳ ٿي چورن جو پيڇو ڪيو،  جنهن تي هٿياربند چورن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ڳوٺاڻو عبدالخالق عباسي، سندس 2 پٽ امجد، شاهد ۽ ڀاءُ علي ڏنو ٿڏي تي مارجي ويا.

واقعي بعد جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا، مقتول ڳوٺاڻن جا لاش پيرڳوٺ اسپتال ۾ پهچايا ويا، جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

وارثن موجب  واقعي کي ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس ڪو به نوٽيس نه ورتو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس به داخل نه ٿي سگهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*