صارفين کي بجلي ۽ گيس جا بل فوري ادا ڪرڻ جي ضرورت ناهي: حفيظ شيخ

ناڻي بابت صلاحڪار ڊاڪٽر حفيظ شيخ چيو آهي ته  صارفين کي بجلي ۽ گئس جا بل فوري طور ادا ڪرڻ جي ضرورت ناهي، بل ٽن مهينن کانپوءِ به جمع ڪرائي سگهجن ٿا.

اسلام آباد ۾ ايڪسپورٽرن جي تقريب کي خطاب ڪندي حفيظ شيخ چيو ته حڪومت بلن جي مد ۾ رقم رکي ڇڏي آهي ۽ واپارين سان لاڳاتار رابطي ۾ آهيون.

هن چيو ته هڪ کرب 200 ارب جو پيڪيج ڏنو ويو آهي،ننڍن ڪارخانن لاءِ 100 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

حفيظ شيخ چيو ته بجلي ۽ گئس جا بل فوري طور تي ادا ڪرن جي ضرورت ناهي، سمورن فوڊ پراڊڪٽس تي به ڊيوٽي ختم ڪئي وئي آهي ۽ حڪومت  200 ارب رپين جي ڪڻڪ به خريد ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*