ڪرونا وائرس مان مزدور طبقي کي وڌيڪ خطرو آهي: وزيراعظم عمران خان

وزيراعظم عمران خان، صوبن پاران لاڳو ڪيل لاڪ ڊائون ۾ 2 هفتا واڌ  ۽  ايڪسپورٽ  انڊسٽري کي 100 ارب رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

 اسلام آباد ۾ايڪسپورٽرز جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته  ڪرونا وائرس مان ڪمزور طبقي کي وڌيڪ خطرو آهي، انهن جو  خيال رکڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي.

هن چيو ته  مزدور طبقي لاءِ امدادي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي،ڪرونا وائرس سبب سڄي دنيا ڏکيائيءَ ۾ آهي،موجوده وسيلن مان ڪرونا تي ضابطو آڻي وٺنداسين.

عمران خان چيو ته ايڪسپورٽ انڊسٽري پاران جمع ڪرايل  ايڊوانس ٽيڪس ريفنڊ ڪرايو ويندو.

هن چيو ته ايڪسپورٽرز کي رقم جي ادائيگي جو سلسلو جلد شروع ٿي ويندو،حڪومت کي ڄاڻايل رقم بعد ۾ ادا ڪرڻي هئي، جڏهن ته ڪرونا  جي صورتحال ڏسندي هي فيصلو ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*