حڪومت حقدارن لاءِ 12 سئو ارب رپين جي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي: فردوس عاشق اعواڻ

سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ  چيو آهي ته حڪومت  حقدار ماڻهن لاءِ 12 سو ارب  رپين جي پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي،حقدار ماڻهن  کي راشن لاءِ 12 هزار في ڪٽنب  ڏنا ويندا.

نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪرونا وائرس اچڻ بعد معاشي چيلينجز ۾ واڌ ٿي آهي.

هن چيو ته ڪوبه شهري ٽائيگر فورس جو حصو بڻجي سگهي ٿو،ٽائيگر فورس تي سياست نه ڪئي وڃي،هي رضاڪارانا فورس آهي.

فردوس عاشق اعواڻ  چيو ته وزيراعظم عمران خان اڄ نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول آپريشن سينٽر جو دورو ڪندو.

هن واضح ڪيو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، وزير اعظم سان گڏ هوندو.

خاص معاون چيو ته سول ۽ فوجي قيادت عوام کي ڪرونا وائرس کان محفوظ رکڻ لاءِ پڪو پهه ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*