سجاول ۾ ڪرونا وائرس جو پهريون ڪيس سامهون اچي ويو

سجاول ۾ ڪرونا وائرس جو پھريون ڪيس سامهون اچي ويو،30 ورهين جي نوجوان کي تصديق ٿيڻ بعد تعلقي اسپتال جي آئسوليشن وارڊ منتقل ڪيو ويو آهي.

سجاول جي ڳوٺ ٻوڙاڻو بنگلو واسي 30 ورهين جي نوجوان جي ڪراچي موڪليل ٽيسٽ جي رپورٽ پازيٽو اچي وئي.

نوجوان کي ڪرونا جي تصديق ٿيڻ بعد تعلقي اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ رکيو ويو آهي.

انتطاميا جو چوڻ آهي ته متاثر نوجوان تبليغي اجتماع تي ويو آهي، جتان تبليغي گروپ سان گڏجي جهوڪ شريف پهتو،طبعيت خراب ٿيڻ تي اسپتال پهچايو ويو، جتي ڪورونا جو شڪ پوڻ تي ٽيسٽ وٺي ڪراچي موڪلي وئي، جتان رپورٽ پازيٽو اچڻ بعد نوجوان کي تعلقي اسپتال جي هڪ وارڊ تائين محدود ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن سجاول ۾ ڪورونا جو ڪيس سامهون اچڻ بعد سجاول ضلعي ۽ هن وقت تائين  ڪورونا کان محفوظ ضلعن ٺٽي ۽ بدين ۾ ماڻهن کي سخت ڳڻتي ورائي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*