عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قرباني ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهي: بلاول ڀٽو زرداري

ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ۽ پيپلزپارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 41 هين ورسي ملهائي پئي وڃي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته اڄ ڏکئي وقت ۾ عوام کي هڪ نئين ذوالفقار علي ڀٽو جي ضرورت آهي، اهڙو ليڊر،جيڪو اسان جي اختلافن جي باوجود ملڪ کي متحرڪ ڪري  ۽ خطرناڪ وبا  مان ڪڍڻ لاءِ قيادت ڪري.

بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته عوام شهيد ڀٽو جي قرباني کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهي،ڀٽو جا پيروڪار عوام کي اڪيلو ڇڏي نٿا سگهن.

هن چيو ته اسان پنهنجن وڏڙن جي پيغام کي اڳتي وڌائينداسين ۽ هر قيمت تي عوام ۽ ان جي مفادن جو تحفظ ڪنداسين.

پ پ سربراهه چيو ته ڪرونا وائرس  بحران جو مقابلو ڪرڻ لاءِ  شهيد ڀٽو جي ويزن جي پيروي ڪرڻي پوندي،حقيقي اڳواڻ بحرانن دوران عزم ۽ ويزن سان قوم جي رهنما ڪندا آهن.

هن چيو ته بنگال جي ورهاڱي  کانپوءِ پاڪستان جي هزارين ميل زمين ۽ 90 هزار جوان دشمن جي قبضي ۾ هئا،شهيد ڀٽو اسان جي ڌرتي ۽ جوان واپس ڪرايا،ان سان گڏ ايٽمي پروگرام جو به بنياد رکيو.

اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته اسان اڄ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏسيل گس تي بيٺا آهيون.

هن چيو ته سياسي جنت عوام جي قدمن هيٺان آهي، تي يقين رکون ٿا.

آصف زرداري چيو ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي، جي اصول کان ڪڏهن به نه هٽنداسين،پيڙهيل طبقي کي معاشي ۽ سياسي  انصاف ڏيارڻ لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*