ملڪ ۾ ڪرونا وائرس سبب فوتين جو انگ وڌي 40 ٿي ويو

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس  سبب فوتين جو انگ وڌي ڪري 40 ٿي ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ ڪيس سامهون اچڻ بعد متاثر مريضن جو تعداد 2708 ٿي ويو آهي.

ملڪ ۾ هينئر تائين سڀني کان وڌيڪ فوتگيون سنڌ ۾ ٿيون آهن، جن جو تعداد 14 ٿي ويو آهي.جڏهن ته پنجاب ۽ ڪي پي ۾ يارهن يارهن، گلگت ۾ ٽي  ۽ بلوچستان ۾ هڪ شهري فوت ٿي ويا آهن.

ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جي تازن انگن اکرن مطابق ڪرونا وائرس سبب ملڪ ۾ وڌيڪ 125 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن،جن مان پنجاب ۾ 60، سنڌ ۾ 56، اسلام آباد ۾ ست ۽ آزاد ڪشمير ۾ ٻه ڪيس رپورٽ ٿيا.

پنجاب ۾ ڪرونا وائرس جا 60 نوان ڪيس سامهون اچڻ بعد مجموعي تعداد 1072 ٿي ويو آهي.

سنڌ ۾ وڌيڪ 56 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن، جنهن بعد متاثرن جو تعداد 839 ٿي ويو آهي.

اسلام آباد ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ ست ڪيس سامهون اچڻ بعد مجموعي انگ 75 ٿي ويو آهي.

آزاد ڪشمير ۾ وڌيڪ ٻه ڪيس سامهون اچڻ بعد مجموعي تعداد يارهن ٿي ويو آهي.

خيبرپختون خواه ۾ وڌيڪ ٻه شهري فوت ٿي ويا، جنهن بعد ڪل تعداد يارهن ٿي ويو آهي.صوبي ۾ ڪرونا متاثرن جو تعداد 343 ٿي ويو آهي.

بلوچستان ۾ متاثرن جو تعداد 175 ٿي ويو آهي،صوبائي ترجمان مطابق  نون ڊاڪٽرن سميت 38 ماڻهن کي مقامي طور تي ڪرونا وائرس منتقل ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي.

گلگت بلتستان ۾ ڪرونا جا وڌيڪ ڇهه ڪيس سامهون اچڻ بعد ڪيسن جو مجموعي تعداد 193 ٿي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*