تباهي مچائيندڙ اثرن کان بچڻ لاءِ هاڻ اڏاوت جي شعبي کي کولي رهيا آهيون: وزيراعظم عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرونا وائرس سبب تعليمي ادارن ، وڏن خريداري جي مرڪزن، شادي هالز ۽ ريسٽورنٽس کي بند ڪري چڪا آهيون،انهن سمورن عوامي هنڌن کي بند ڪيو ويو،جتي ماڻهو گڏ ٿين ٿا.

سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي وزير اعظم عمران خان چيو ته بندشن جي خطرناڪ اثرن کان بچڻ لاءِ پهريان زرعي شعبي کي کليو رکيو ويو.

هن چيو ته تباهي مچائيندڙ اثرن کان بچڻ لاءِ هاڻ اڏاوت جي شعبي کي کولي رهيا آهيون.

وزير اعظم چيو ته ننڍي کنڊ ۾ غربت جي رفتار وڌيڪ آهي،انڪري بندشن دوران توازن رکڻو آهي.

هن چيو ته ڪرونا جي ڦهلاءَ کي گهٽائڻ ۽ مڪمل طور روڪڻ لاءِ پابنديون ضروري آهن.

عمران خان چيو ته بندشن دوران ان ڳالهه جو خيال رکڻو آهي ته ماڻهو لنگهڻ ڪاٽي نه مرن، نه ئي  معيشت  کي نقصان پهچي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*