ملڪ ۾ تيزيءَ سان پکڙجندڙ ڪرونا وائرس وڌيڪ 5 حياتيون ڳڙڪائي ورتيون

ملڪ ۾ تيزي سان پکڙجندڙ ڪرونا وائرس وڌيڪ 5 حياتيون ڳڙڪائي ورتيون آهن، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 50 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 24 ڪلاڪن دوران 397 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ کانپوءِ ملڪ ۾ متاثرن جو انگ به وڌي 3 هزار 277 ٿي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر پاران جاري ڪيل انگ اکر موجب خيبرپختونخواهه ۾ سڀ کان وڌيڪ 16 ماڻهو ڪرونا وائرس سان جنگ وڙهندي پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا آهن ۽ صوبي ۾ ڪرونا متاثرن جو انگ به وڌيڪ 405 ٿي چڪو آهي.

سرڪاري انگ اکرن موجب سنڌ ۾ ڪرونا وائرس 15 حياتيون ڳڙڪائي چڪو آهي ۽ مجموعي طور ڪرونا متاثرن جو انگ وڌي 881 ٿي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جي انگ اکرن موجب پنجاب ۾ ڪرونا وائرس سبب سڀ کان وڌيڪ 14 سئو 93 ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جڏهن 15 مريض ڪرونا سان وڙهندي دم ڏئي چڪا آهن.

بلوچستان ۾ به ڪرونا متاثرن جي انگ ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي، هن وقت تائين 191 شهري خطرناڪ وائرس سبب متاثر ٿي چڪا آهن، جڏهن ته هڪ شهري ڪرونا وگهي فوت به ٿيو آهي.

گلگت بلتستان ۾ ڪرونا وائرس جي پکيڙ تيزي سان جاري آهي، هن وقت تائين 3 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن ۽ متاثرن جو انگ وڌي 210 ٿي چڪو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر موجب اسلام آباد ۾  ڪرونا وائرس جا 82 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 15 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته ملڪ ۾ مجموعي طور 257 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*