نئين پاڪستان جي ايجنڊا احساس ۽ عوام جي خدمت آهي: فردوس عاشق اعواڻ

سـُڌ سماءَ واري خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نئين پاڪستان جي ايجنڊا احساس ۽ عوام جي خدمت آهي، ڪيش پروگرام تحت متاثرن ۾ هڪ ارب کان وڌيڪ رقم ورهائي ويندي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئٽ ۾ فردوس عاشق چيو ته احساس ڪيش ايمرجنسي پروگرام ظاهر ڪري ٿو ته وزيراعظم عمران خان کي غريب ۽ ڏهاڙي واري طبقي جو گهڻو احساس آهي.

هن چيو ته هي پروگرام محروم طبقي جي معاشي ڏکيائين کي ختم ڪرڻ ۾ معاون ثابت ٿيندو، ڪيش پروگرام تحت هڪ ڪروڙ 20 لک ڪٽنبن ۾ هڪ سئو 44 ارب رپيا ورهايا ويندا.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته چيو ته مستحق خاندان کي 12 هزار رپيا ڏنا ويندا، امداد جي فراهمي لاءِ جاچ پڙتال کي موثر بڻايو ويو آهي ته جيئن شفافيت جي عمل تي ڪو به آڱر نه کڻي سگهي.

خاص معاون جو وڌيڪ چوڻ هو ته عوام کي رليف ڏيڻ جي هن تاريخي قدمن جا ثمر چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي مستحق جي گهرن تائين پهچندا.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته هلندڙ هفتي حقدارن کي رقم ملڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو، مستحق شراڪتي بينڪن مان رقم وصول ڪري سگهندا، ان کان علاوه صوبائي حڪومتن سان گڏجي اضافي ڪائونٽرز جو به انتظام ڪري رهيا آهيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*