سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس انڊر ٽرائل قيدين کي آزاد ڪرڻ واري ڪيس ۾ وفاقي حڪومت جي رپورٽس تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ، انڊر ٽرائل قيدين کي آزاد ڪرڻ واري ڪيس ۾ وفاقي حڪومت ۽ صوبن جي رپورٽس تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي چيو آهي ته هي ڪهڙي ايمرجنسي آهي جو سڀ ڪجهه بند آهي، ڇا اسان جو ملڪ اهو سڀ برداشت ڪري سگهي ٿو، حڪومت ڪرونا وائرس جي روڪٿام بابت عملي قدم کڻڻ بدران رڳو عوام کي صبح شام ڊيڄاري رهي آهي، صحت وارو صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا رڳو پنهنجي مشهوري ڪرڻ ۾ پورو آهي.

چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ انڊر ٽرائل قيدين کي آزاد ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران وفاقي حڪومت ۽ صوبن رپورٽس پيش ڪيون.

عدالت ۾ دفاع واري وزارت به پنهنجي رپورٽس جمع ڪرائي، جنهن ۾ قيدين کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جي مخالفت ڪئي وئي.

قانون واري وزارت پنهنجي رپورٽ ۾ عدالت کي ٻڌايو ته سيڪشن چار سئو هڪ تحت انڊر ٽرائل قيدين کي ضمانت نٿي ڏئي سگهجي.

رپورٽ موجب آئين جي آرٽيڪل 145 تحت صدر وٽ اختيار آهي ته اهو ضمانت جي اجازت ڏئي پر آرٽيڪل 45 تحت صدر انڊر ٽرائل قيدين کي ضمانت تي آزاد نٿو ڪري سگهي.

چيف جسٽس، ڪرونا وائرس بابت وفاقي حڪومت ۽ صوبن جي رپورٽس تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي چيو ته هي ڪهڙي ايمرجنسي آهي، جنهن ۾ اسپتالون بند پيل آهن؟ ڪير به ڪم نٿو ڪري رڳو فنڊز جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، سموري ملڪ ۾ ڪلينڪس بند پيل آهن، کيس پنهنجي گهرواري جي علاج لاءِ هڪ وڏي اسپتال کولرائڻي پئي.

چيف جسٽس چيو ته گرائونڊ تي ڇا ٿي رهيو آهي ڪنهن کي ڪا خبر ناهي، صوبن جا وڏا وزير رڳو گهرن ۾ ويهي حڪم جاري ڪري رهيا آهن، شوگر ۽ ٻيا مريض ڪٿي آهن؟ عوام کي الله تعاليٰ جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي.

چيف جسٽس چيو ته ڪرونا وائرس بابت ڪو به عملي ڪم نه پيو ٿئي ، صبح شام ماڻهن کي ٽي وي تي ويهي ڊيڄاريو پيو وڃي، صحت وارو صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا رڳو پنهنجي مشهوري ۾ پورو آهي، سندس اهليت ۽ قابليت ڪيتري آهي؟ ماڻهن کي رڳو اهو چيو پيو وڃي ته 20 سيڪنڊ تائين هٿ ڌوئندا رهو.

چيف جسٽس چيو ته صوبائي حڪومتون رڳو پئسا ورهايو ۽ راشن ورهايو جون ڳالهيون ڪري رهيون آهن، صوبن وٽ ٽيسٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪٽس ناهن، صوبا چئي رهيا آهن ته پيسا ڏيو ڪٽس وٺڻيون آهن.

ان موقعي تي اٽارني جنرل چيف جسٽس کي استدعا ڪئي ته هو ڪجهه معاملن تي چيمبر ۾ آگاهه ڪرڻ چاهي ٿو، چيف جسٽس چيو ته اوهان چئمبر ۾ ڇا ٻڌائيندا اسان کي سڀ خبر آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*