وفاقي وزير پرويز رشيد ڪراچي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته معصوم شهرين کي بيدردي سان قتل ڪندڙ جو اسلام سان ڪو واسطو نه آهي

وفاقي وزير پرويز رشيد ڪراچي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته معصوم شهرين کي بيدردي سان قتل ڪندڙ جو اسلام سان ڪو واسطو نه آهي، کين بخش نه ڪيو ويندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگردي جي بدترين واقعي تي کيس دلي طور ڏک پهتو آهي، صوبائي حڪومت امن امان لاءِ جوڳا قدم کڻي.

هن چيو ته اسلام پرامن مذهب آهي، دهشتگردن جو ڪو مذهب يا رنگ ناهي هوندو، بيگناهن کي گولين جو کاڄ بڻائيندڙن کي عبرتناڪ سزا ملڻ گهرجي.

وفاقي وزير چيو ته ڪراچي ۾ وفاقي حڪومت جي سهڪار سان ٽارگيٽيڊ آپريشن جاري آهي، بس تي فائرنگ کلي دهشتگردي آهي، جنهن جي هو مذمت ڪن ٿا……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*