سنڌ ۾ ڪرونا وائرس کان بچاءَ لاءِ سورنهين ڏينهن به لاڪ ڊائون برقرار آهي

سنڌ ۾ ڪرونا وائرس کان بچاءَ لاءِ سورنهن هين ڏينهن به لاڪ ڊائون برقرار آهي، جنهن سبب ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ ڪاروباري مرڪز ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ بند هجڻ ڪري ماڻهو گهرن تائين محدود آهن، ڪيترن ئي شهرن ۾ راشن نه ملڻ سبب پورهيت طبقو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي.

ڪراچي جي سمورا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا آهن، سيڌي سامان، ميڊيڪل اسٽور ۽ ڀاڄين جا دڪان کليل آهن، پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جو گشت جاري آهي، غير ضروري طور تي گهرن مان نڪرندڙ ماڻهن جي گرفتارين جو سلسلو به هلندڙ آهي.

ملير، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر، لاڙڪاڻي، نوابشاهه، خيرپور، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، قمبر، شهدادڪوٽ، شڪارپور، گهوٽڪي، سانگهڙ، نوشهري فيروز، مٽياري، ٺٽي، سجاول، بدين، مٺي، عمرڪوٽ، ڄامشوري، ٽنڊي محمد خان ۽ ٽنڊي الهيار ۾ به ڪاروباري مرڪز بند آهن.

مٺياڻي، پڊعيدن، کڏڙو، پنڱريو، ڏيرا، نصير آباد، ڪوٽڙي، ڀرياسٽي، ڀريا روڊ، مدئجي، مورو، نارو، ڦلجي اسٽيشن، خانپور شهر، ٺارو شاهه، پير جو ڳوٺ، شاهپور چاڪر، ٽنڊو باگو، ڊکڻ، گهارو، ڪنڊيارو، غوثپور، هالاڻي، قاضي احمد، کپرو، ماتلي، کيبر، اڏيرو لال ۽ ٽنڊو ڄام ۾ به ڪاروبار ناهي کوليو ويو.

ڀان سيد آباد، لعلو رائنڪ، مبارڪپور، سرهاڙي، کوسڪي، ڪنڌرا، تنگواڻي، ميرپور بٺورو، گولاڙچي، ڇور، اڏيرو لال، مقصودو رند، سوڀوديرو، بهرام، هٿونگو، ٺل ۽ ڊرٻ ميهر شاهه شهر به بند  آهن.

ڪرمپور، رتوديرو، ڳڙهي خيرو، کاهي، سلطان ڪوٽ، ميرواهه گورچاڻي، ڪوٽڙي، ڪنڊيارو، ڪنڊيارِي، چمبڙ، ڄام صاحب، ڪنب، باڊهه، ٺڪراٺو، ڪوٽڙي، هوسڙي، وارهه، گڊو، ميرپور ماٿيلو، منهڙو، سڪرنڊ، هالا، ڀٽ شاهه، نيو سعيد آباد، ڪڙيو گهنور ۽ سجاول جوڻيجو ۾ به ماڻهو گهرن تائين محدود آهن.

نئون ديرو، ننگرپارڪر، اسلام ڪوٽ، ٺري ميرواهه، گولاڙچي، ميهڙ، گمبٽ، روهڙي، ڦل، ميرواهه گورچاڻي، ڊگهڙي ۽ سامارو سميت سنڌ جَي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ ڪرونا وائرس کان بچاءَ لاءِ سورنهن هين ڏينهن به لاڪ ڊائون آهي.

ڪراچي سميت سنڌ جَي مڙني شهرن ۾ لاڪ ڊائون تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ پاڪ فوج، رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن پاران گشت جاري آهي، جڏهن ته شهرين کي گهرن کان ٻاهر نڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي.

گذريل 16 ڏينهن کان لاڪ ڊائون سبب ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيت طبقو گهرن تائين محدود آهي، راشن نه ملڻ سبب متاثر ماڻهو احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*